ڊگهڙي ۾ شگر ملون نه هلائڻ خلاف ڪيو اي ٽي جو احتجاج

538
0
SHARE

ڊگهڙي:ڊگهڙي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن شگر ملون چالون نه ڪرڻ ۽ آبادگارن کي ڪمند جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو.ڪارڪنن مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري انور نوحاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي، ڪمند جو اگهھ 182 روپيا ڪرڻ آبادگارن سان ناانصافي آهي.هنن جو چوڻ هو ته ڪمند جي ڪٽائي نه ٿيڻ جي ڪري ڪڻڪ جو هزارين ايڪڙ فصل متاثر ٿيندو، آبادگار معاشي طور ڪمزور ٿيندا.اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڪمند جو اگهھ 250 روپيا في مڻ مقرر جلد شوگر ملون چالون ڪرايون وڃن ته جيئن ڪڻڪ جو فصل متاثر نه ٿئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here