سکر ۾ بااثر ڪاموري هٿان خيرپور ميرس ۾تشدد ڪري قتل ڪيل ملازم جي وارثن ۽ شهرين پاران لاش رکي ڌرڻو

225
0
SHARE

سکر ۾ بااثر ڪاموري هٿان خيرپور ميرس ۾تشدد ڪري قتل ڪيل ملازم جي وارثن ۽ شهرين پاران لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو،شھري اتحاد جي اڳواڻ  مولانا عبيد الله ڀٽيَ جي اڳواڻي ۾ مقتول شبير شيخ جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري نمائش روڊ تي لاش ڌرڻو هنيو،سکر پبلڪ ھيلٿ کاتي جي ملازم مقتول شبير شيخ جي والد محمد مٺل شيخ ۽ ڀاءُ غلام حيدر شيخ  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن نوجوان کي ڪاموري جي چوڻ تي خيرپور جي بي سيڪشن پوليس قتل ڪيو آهي،هنن چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيسر شمس الدين شيخ گذريل ڏينهن شبير شيخ کي چوري جي الزام ۾ بي سيڪشن ٿاڻي تي وٺي وڃي لاڪ اپ ڪرايو هو،سندن چوڻ هو ته مقتول شبير پاڻ لاڪ اپ مان فون ڪري کين اطلاع ڏنو  هو جنهن بعد هو کڳاتار کيس فون ڪندا رهيا پر سندس موبائل فون بند ملي رهيو هو،هنن چيو ته آفيسر شمس شيخ ۽ بي سيڪشن ٿاڻي خيرپور جي ايس ايڇ او نور محمد ابڙي سخت تشدد ڪري سندن نوجوان کي قتل ڪيو آهي،احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نوجوان جي قتل ۾ ملوث ڪاموري ۽ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي،واضح رهي ته گذريل ڏينهن خيرپور پوليس الزام هنيو هو ته نوجوان کي ڪاموري ساٿين سان گڏجي قتل ڪيو آهي جنهن جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here