خيرپور: زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ ڪيس داخل ڪرائيندڙ بااثرن خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

215
0
SHARE

 خيرپور ۾ زرعي زمين ڦٻائڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندڙ بااثرن خلاف ڳوٺاڻن پاران پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ھنڱورجا جي ڳوٺ امام بخش ڏھر جي رهواسي عورتون، مردن ۽ معصوم ٻارڙن بااثرن اميد علي ڏھر ۽ نجم ڏھر خلاف پريس ڪلب اڳيان ڪلام پاڪ مٿي تي کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، سليم ڏھر، زاھد، انور، الھه بخش، مسمات زينب، مسمات پرل ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن 3 جريب زمين جيڪا ديھه مڇر ۾ آهي ان کي ڦٻائڻ جي لاءِ بااثر وڏيري عباس علي شاهه جا ڇاڙتا اميد علي ڏھر ۽ نجم ڏھرسندن خلاف ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آهي،هنن چيو ته بااثر ھنڱورجا پوليس کي ڳري رشوت ڏئي کين چوري جي ڪوڙن ڪيسن ڦاسائي رھيا آھن پر سندن دانهن ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي آخر انصاف وٺڻ لاءِ ڪيڏانهن وڃون، ھنن حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري کي اپيل ڪئي ته  کين بااثرن جي ظلم کان بچايو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here