پاڪستان جي سرحدن تي خطرا موجود آهن، خطي جا اقتصادي مفاد پاڪستان مان ٿيندي گذرن ٿا: ڊي جي آءِ ايس پي آر آصف غفور

58
0
SHARE

ڊي جي آءِ ايس پي آر آصف غفور چيو آهي ته ڪنهن به دهشتگرد تنظيم جو منظم نظام پاڪستان ۾ موجود نه آهي.

راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته گذريل چئن ڏهاڪن دوران سڄي قوم گڏجي دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي آهي، هاڻي اڳتي پرامن پاڪستان نظر اچي پيو.

آصف غفور چيو ته پاڪستان جي سرحدن تي خطرا موجود آهن، خطي جا اقتصادي مفاد پاڪستان مان ٿيندي گذرن ٿا.

هن چيو ته دهشتگرد عنصر پاڪستان، ايران ۽ افغانستان جا دشمن آهن، ايران ۽ پاڪستان کان ڪو به خطرو نه آهي، پر سرحد تي موجود غير رياستي عنصرن مان خطرا موجود آهن، پاڪستان پنهنجي فوج کي اڄ به اولهندي سرحد تي رکڻ تي مجبور آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جلد ايران جو دورو ڪندو.

هن چيو ته افغان صدر سان هاڪاري ماحول ۾ ڏيڍ ڪلاڪ تائين آرمي چيف جي ملاقات رهي، جتي جنرل قمر جاويد باجوا دليلن ۽ ثبوت سان افغان صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ملاقات کانپوءِ افغان اختيارين طرفان ڪو به ناڪاري بيان ناهي آيو، افغان فوج پنهنجي صلاحيت موجب سٺو ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته افغانستان ۾ 50 سيڪڙو علائقو ان جي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ئي نه آهي.

ميجر جنرل آصف غفور چيو ته آرمي چيف آڇ ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ افغانستان ۾ به محفوظ قلعو بڻائي ڏئي سگهي، جتي هو پنهنجي فوج پاڻ ويهارين.

هن چيو ته حڪومت ۽ آرمي چيف ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهن ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪو به غير محفوظ هنڌ آهي ته ڏيکاريو وڃي.

پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي قيادت موجود آهي ۽ اتي دهشتگردن جا ٺڪاڻا به موجود آهن.

هن چيو ته ڀارت جي طرفان پاڪستان کي لڳاتار خطرا آهن، ڀارت شر انگيزي جي قيمت ادا ڪئي آهي، جيڪڏهن ڀارت نه مڙيو ته وڌيڪ قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت جي نامناسب رويي جي ڪري اوڀر جي سرحد غير محفوظ ۽ خطرن سان ڀريل آهي، ڀارت ڪشمير ۾ ظلمن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪارروايون ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته اسين هڪ پرامن قوم آهيون، پر جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارتي ايئر فورس اڳرائي ڪئي ته پاڪستان جو جواب سڀ ڏسندا.

هن چيو ته ڀارت پنهنجي اڳرائي ۾ پهريون گولو ئي شهري آبادي مٿان فائر ڪري ٿو، پاڪ فوج شهري آبادي کي نشانو نه بڻائيندي آهي، ڇاڪاڻ ته اتي به ڪشميري ڀائر رهن ٿا، اهو چيلينج آهي ته ڀارت جي شيلنگ کان پنهنجي شهرين کي محفوظ رکڻو آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته جنگ مسئلن جو حل نه آهي، پر جيڪڏهن ڀارت هڪ مارٽر فائر ڪندو آهي ته پاڪ فوج 5 مارٽر فائر ڪندي آهي، جيڪڏهن ڀارت نتيجا ڏيندڙ ڳالهين طرف اچي ته ان جو حل ڪڍي سگهجي ٿو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آپريشن رد الفساد ڪاميابيءَ سان جاري آهي، راجگال ۾ به خيبر فور ڪاميابي سان هلندڙ آهي، ڪم ختم ناهي ٿيو، اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، ان جنگ جو مقابلو ڪندي ان کي استحڪام طرف وٺي وڃڻو آهي.

ميجر جنرل آصف غفور انڪشاف ڪيو ته چار پرڏيهي ايجنسيون پاڪستان ۾ دهشتگردي جي منصوبابندي ڪري رهيون آهن.

هن اهو به ٻڌايو ته محرم ۾ سيڪيورٽي خدشا موجود هئا، سيڪيورٽي فورسز اڻٿڪ جي محنت جي نتيجي ۾ محرم ڪيترن ئي سالن کانپوءِ پرامن رهيو ۽ ڀائيچاري جي سٺي فضا ڏٺي وئي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب کين اطلاع مليو هو ته ڪراچي ۾ ٻه آپگهاتي جيڪٽون پهچايون ويون آهن، سيڪيورٽي ادارن ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ۽ آپگهاتي جيڪٽون هٿ ڪيون.

هن ٻڌايو ته بوهري ڪميونٽي جي اجتماع ۾ 21 هزار کان وڌيڪ پرڏيهي ڪراچي آيا، سندن اجتماع جي سيڪيورٽي لاءِ به ادارن بهتر ڪم ڪيو.

ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ميرانشاهه ۾ ڪرڪيٽ ميچ ۾ 25 لک جي لڳ ڀڳ قبائلي ڀائرن ميچ ڏٺي، اهڙي طرح هڪ ميچ ڪراچي ۾ به ٿيندي.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته احتساب عدالت ۾ اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو، ان لاءِ ٽنهي اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ڪيا، صبح ستين وڳي ٽنهي ادارن جي نمائندن احتساب عدالت جو دورو ڪيو ۽ ان وقت اتي رينجرز موجود هئي.

هن چيو ته احتساب عدالت ٻاهران رينجرز جي مقرري ۾ مقامي طور تي غلط فهمي پيدا ٿي، ادارن وچ ٽڪراءَ جي ڪا به صورتحال نه آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته قانون موجب اسپيشل ڪارڊ کانسواءِ آرمي چيف کي به سپاهي وڃڻ جي اجازت نه ڏيندو.

هن چيو ته 2014 کان رينجرز ان درخواست تي ڪم ڪري رهي آهي، رينجرز جي ٽن ونگز کي آئين موجب درخواست ڪئي وئي، ضروري نه آهي هر حڪم لکت ۾ هجي.

ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي پڌرائي جاري نه ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته خاموشيءَ جي به هڪ زبان ٿيندي آهي.

ميجر جنرل آصف غفور ان موقعي تي آرمي چيف جو بيان به پڙهي ٻڌايو ته جنهن ۾ هن چيو ته ملڪ کان ٻاهر ويهي ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندڙن کي پڪڙ ٿيندي.

پاڪ فوج جي ترجمان پريس ڪانفرنس دوران وڌيڪ چيو ته پاناما ليڪس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جو ڪردار آئيني هو، جي ٽي آءِ کانپوءِ هڪ معاملو هلي رهيو آهي، جنهن جي کين خبر آهي، فوج آئين اندر رهندي پنهنجو ڪم ڪندي.

هن چيو ته موجود معاملي جي پويان فوج آيا يا مار شل لا لڳائڻ چاهي ٿي، ان تي ڳالهائڻ به اجايو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پوئتي مڙي ڏٺو ته پٺيان 70 سال آهن ۽ پوئتي ئي ڏسندا رهجي وينداسين، گذريل 15 سالن کي ڏسو، فوج جون قربانيون ڏسو ۽ اڳتي ڏسو.

ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڪيتريون ئي ڳالهيون اسٽيٽ سيڪريٽ هونديون آهن ۽ ڪيترين ئي ڳالهين جي وزيراعظم ۽ آرمي چيف کي ئي خبر هوندي آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي رحم جي اپيل آرمي چيف وٽ آئي آهي، ان بابت جلد خبر ٻڌائي ويندي………………………….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here