لاهور هاءِ ڪورٽ بينظير قتل ڪيس ۾ سزا ٻڌايل ٻن اڳوڻن پوليس عملدرن جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

24
0
SHARE

لاهور هاءِ ڪورٽ  بينظير قتل ڪيس ۾ سزا ٻڌايل ٻن اڳوڻن پوليس عملدرن جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ۾ بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي  .

بينظير قتل ڪيس ۾ سزا ٻڌايل اڳوڻي پوليس آفيسر خرم شهزاد جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ايم ايل آر ۾ به رڪارڊ موجود آهي.

هن چيو ته  سيڪيورٽي جي فرضن ۾ غفلت هئي ته ان جو ذميوار ايس ايڇ او آهي.

عدالت وڪيل کان سوال ڪيو ته  محترمه بينظير ڀٽو جو پوسٽ مارٽم ڇو نه ڪرايو ويو؟:

وڪيل دليل ڏيندي چيو ته  ڪنهن به پوليس آفيسر خلاف ڪارروائي ناهي ٿي، رڳو ٻن جي خلاف ڇو؟، ناڪافي رڪارڊ تي سزا ٻڌائي وئي، مثبت رڪارڊ موجود نه هو.

عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ بينظير قتل ڪيس ۾ سزا ٻڌايل پوليس آفيسر خرم شهزاد ۽ سعود  عزيز جي ضمانت منظور ڪندي کين ٻن ٻن لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي………….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here