جهل مگسي ويجهو درگاهه فتح پور ۾ آپگهاتي حملو، شهيدن جو انگ 21 ٿي ويو

246
0
SHARE

جهل مگسي ويجهو درگاهه فتح پور ۾ آپگهاتي حملي جي هڪ وڌيڪ زخمي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو جنهن کانپوءِ شهيدن جو انگ وڌي 21 ٿي ويو آهي جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمين جو مختلف اسپتالن ۾ علاج جاري آهي.

بلوچستان جي ضلعي نصيرآباد جي علائقي جهل مگسي کان چار ڪلو ميٽر پري درگاهه فتح پور ۾ ڌماڪو ٿيو، جتي جمعي جي رات هجڻ سبب پانڌيئڙن جو وڏو انگ موجود هو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ 20 ماڻهو موقعي تي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته هڪ زخمي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو جنهن کانپوءِ شهيدن جو انگ 21 ٿي ويو.

30 کان وڌيڪ زخمين بلوچستان جي مختلف اسپتالن سميت شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتالن ۾ علاج جاري آهي.

ڊپٽي ڪمشنر اسد الله ڪاڪڙ موجب ڌماڪو درگاهه جي دروازي تي ٿيو.

بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪارن آپگهاتي بمبار کي روڪيو ته هن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

بلوچستان حڪومت جي ترجمان انوار الحق ٻڌايو ته آپگهاتي بمبار کي روڪڻ جي ڪوشش دوران پوليس اهلڪار شهيد ٿيا.

هن چيو ته ڌماڪو آپگهاتي هو ۽ حملو ان وقت ڪيو ويو، جڏهن ته درگاهه تي عرس جون تقريبون جاري هيون.

ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جهل مگسي جي ايم ايس ڊاڪٽر رخسانا مگسي جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 18 ماڻهن کي ڪوئيٽا، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد ۽ شهدادڪوٽ جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي……………………………

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here