پنگريو ڀرسان زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

410
0
SHARE

پنگريو: پنگريو ڀرسان زرعي پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاران پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.دوست محمد دلواڻي، محمد خان چانڊئي، عالي خان چانڊئي، مريد جٽ، غلام رسول لنڊ ۽ نيڪ محمد احمداڻي جي اڳواڻي ۾ ٻنگار شاخ جي پڇڙي جي سوين آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پنگريو-نئون ڪوٽ روڊ تي ڌرڻو هنيو.ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته گذريل ڪافي عرصي کان ٻنگار شاخ ۾ پاڻي ناهي ڇڏيو ويو جنهن ڪري  پنج هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي ايراضي بنجر بڻجي وئي آھي ۽ هزارين رهواسي معاشي بدحالي جو شڪار ٿي ويا آھن.هنن چيو ته هن سموري علائقي ۾ پيئڻ جو پاڻي به ناهي جنهن ڪري انساني آبادي توڙي جانور اڃ وگهي تڙپي رهيا آھن ۽ زمين جو پاڻي به کارو ٿي ويو آھي جيڪو پيئڻ جي لائق ناهي رهيو.آبادگارن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين ٻنگار شاخ ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويندو تيستائين هو پنهنجي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پياريندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here