سکر ۾ پوليس جي ڪارروائي، ڪراچي مان اغوا ٿيل عورت بازياب

232
0
SHARE

سکر: سکر ۾ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ڪراچي مان اغوا ٿيل عورت کي بازياب ڪرائي ورتو آهي،پوليس بيراج ڪالوني ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي ڪراچي جي علائقي بن قاسم مان اغوا ٿيل عورت حميده منڱڻهار کي بازياب ڪرايو،ان حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي سکر جي ترجمان مير بلال چيو ته هڪ هفتو اڳ ڪراچي جي بن قاسم واري علائقي مان حميده کي اغوا ڪيو ويو هو،هن چيو ته عورت جي اغوا جو ڪيس سندس مڙس سليمان منڱڻھار جي فرياد تي بن قاسم ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو هو، پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي کيس آزاد ڪرايو آھي،سندس چوڻ هو ته بازياب ڪرايل عورت جي وارثن کي آطلاع ڏنو ويو آھي، جڏنهن ته قانوني گهرجون پوريون ڪري کيس ماٽن حوالي ڪبو فلحال ناري حميده کي وومين پوليس سينٽر تي رکيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here