اسلام آباد: ڌرڻي خلاف آپريشن کانپوءِ خراب ٿيل صورتحال تي ضابطي لاءِ فوج طلب

209
0
SHARE

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ ڌرڻي خلاف آپريشن کانپوءِ خراب ٿيل صورتحال تي ضابطي لاءِ فوج کي طلب ڪيو ويو آهي،عدالتي حڪم تي ڌرڻي خلاف آپريشن صورتحال خراب ٿيڻ تي روڪيو ويو هيو،جنهن کانپوءِ گهرو وزارت فوج کي طلب ڪيو،وفاقي گهرو وزارت پاران وفاقي گادي واري شهر ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فوج جي مقري جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو،گهرو وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب اسلام آباد ۾ فوج کي آئين جي آرٽيڪل 245 تحت طلب ڪيو ويو  آهي،گهرو وزارت مطابق فوجي اهلڪارن جي نفري جو فيصلو ٽرپل ون برگيڊ جو ڪمانڊر ڪندو،جن کي شهر جي اهم هنڌن تي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي،وفاقي گهرو وزارت جي نوٽيفڪيشن مطابق فوج کي اڻڄايل مدي تائين طلب ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here