کپرو پوليس جون ڪارروايون، شراب هٿ، 5 جوابدار گرفتار

99
0
SHARE

کپرو پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري وڏي مقدار ۾ ڪچو شراب هٿ ڪري 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، اسپشل ٽيم جي انچارج الطاف ميمڻ ۽  ايس ايڇ او گلزار مري  جي اڳواڻي ۾ پوليس لوڻ کاڻ ڀرسان ڪارروائي ڪئي، پوليس وڏي مقدار ۾ ڪچو شراب ۽ استعمال هيٺ ايندڙ سامان هٿ ڪري  ورتو، جوابدار محمد رحيم، عرس،رمضان ۽ ڀٽو گجو  کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، ٻه ڄڻا فرار ٿي ويا،پوليس موجب ايس ايس پي سانگهڙ جي حڪم تي منشيات فورشن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، سڄي تعلقي ۾ ڪارروايون ڪيون وينديون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here