پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين لنڊن کان ڪراچي پهچي ويو

65
0
SHARE

ڪراچي: پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين لنڊن مان ڪراچي پهچي ويو آهي، سندس چوڻ آهي ته هو  نيب ۽ سياستدان چوندا هئا ته هو واپس نه ورندو، پر کين اڄ جواب ملي ويو آهي، نواز شريف ملڪ ٽوڙڻ چاهي ٿو پر ائين ٿيڻ نه ڏنو ويندو،ڊاڪٽر عاصم حسين عدالت مان اجازت ملڻ کانپوءِ علاج لاءِ لنڊن ويو هو ڪراچي پهچڻ تي سندس شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو.ائيرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته آپريشن ڪرائڻ کانپوءِ هو اڄ ڏيهه پهتو آهي.هن چيو ته  سياستدان ۽ نيب چوندا هئا ته ڊاڪٽر عاصم ڀڄي ويندو، پر سندس واپسي انهن لاءِ جواب آهي،پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته  نواز شريف صاحب،هو ڀڄڻ وارن مان نه آهي. عاصم  حسين چيو ته پاڪستان هنن ٺاهيو آهي ۽ ان کي اهي ئي بچائيندا.هن چيو ته سندن سياست پاڪستان جي بقا لاءِ آهي، ن ليگ وارا ملڪ کي 200 سال پوئتي ڌڪڻ چاهين ٿا، ڊاڪٽر عاصم  چيو ته نواز شريف ملڪ کي ٽوڙڻ چاهي ٿو ۽ فوجي قيادت کي چڙ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here