احتساب عدالت نواز شريف خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي 1 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

303
0
SHARE

اسلام آباد: احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي هڪ وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي،نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث عدالت کي آگاهي ڏني ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ريفرنس گڏ ڪرڻ واري درخواست جو فيصلو اڄ ساڍي 12 وڳي تائين اچي ويندو،خواجا حارث عدالت کي استدعا ڪئي ته ٻڌڻي ۾ هڪ وڳي تائين جو وقفو ڪيو وڃي،جج نيب پراسيڪيوٽر کي پڇاڻو ڪيو ته ڇا نيب جو گواهه موجود آهي جنهن تي ٻڌايو ويو ته گواهه موجود آهي،احتساب عدالت جي جج عدالتي عملي کي هدايت ڪئي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار سان رابطو ڪري ريفرنس گڏ ڪرڻ واري درخواستن جي فيصلي جي ڪاپي فيڪس ذريعي گهرائي وڃي،عدالت نواز شريف جي وڪيل جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي هڪ وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي،اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف اٺون ڀيرو جڏهن ته مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر 10-10 ڀيرا عدالت ۾ پيش ٿي چڪا آَهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here