نواز شريف فوج ۽ عدليا تي حملي لاءِ مسلم  ليگ(ن) کي استعمال ڪري رهيو آهي:عمران خان

11
0
SHARE

پشاور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نواز شريف فوج ۽ عدليا تي حملي لاءِ مسلم  ليگ(ن) کي استعمال ڪري رهيو آهي.پشاور ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته نواز شريف ڪنهن اصول لاءِ ناهي وڙهي رهيو، هو مني لانڊرنگ جو پئسو بچائڻ لاءِ وڙهي رهيو آهي، هن چيو ته نواز شريف تي مني لانڊرنگ ثابت ٿي ته ٻاهر  موجود سندس سمورو پئسو منجمد ٿي ويندو، نواز شريف ادارن تي حملن لاءِ ن ليگ کي استعمال ڪري رهيو آهي،سندس چوڻ هو ته  شريف خاندان جي پرڏيهه ۾ اربين رپين جي ملڪيت آهي، نواز شريف هاڻي اليڪشن نٿو وڙهي سگهي، عمران خان چيو ته فضل الرحمان ۽ محمود خان اچڪزئي جو ته فاٽا ۾ ڪو حصو ناهي، جڏهن ته سنڌ جي گورنر اعتراف ڪيو ته اسحاق ڊار معيشت بابت نواز شريف سان ڪوڙ ڳالهايو، هن چيو ته سپريم ڪورٽ تي حملو جمهوريت تي حملو ڪرڻ آهي،پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته قبيلائي علائقي جون حالتون تمام خراب آهن، هن چيو ته وفاق وٽ فاٽا کي خيبر پختونخوا ۾ ضم ڪرڻ کانسواءِ ڪو آپشن ناهي،صوبي ۾ بهترين لوڪل سسٽم آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت وٽ خيبر پختونخواهه سان ضم کانسواءِ ٻيو رستو ناهي، هن چيو ته ڪي پي ۾ لوڪل گورنمينٽ سسٽم فاٽا جي ضم ٿيڻ لاءِ بهترين آهي، هن چيو ته قبيلائي علائقي اندر ڪو نظام ناهي رهيو، هن چيو ته ڪرپشن سبب قبيلائي علائقا پٺتي رهجي ويا، فاٽا ۾ اسٽيٽسڪو کي بچائڻ لاءِ پراڻو نظام هلايو پيو وڃي، هن چيو ته فاٽا سيڪريٽريٽ ڪرپشن جو اڏو آهي، عمران خان چيو ته فاٽا جو ضم ٿيڻ 2018 ۾ شروع ٿيڻ گهرجي، فاٽا جي ضم نه ٿيڻ ڪري اسان دهشتگردي کي ٻيهر موقعو ڏينداسين، وفاقي حڪومت مفلوج ٿي چڪي آهي،

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here