بلاول ڀٽو زرداريءَ پاران پ پ جي گولڊن جوبلي ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جو اعلان

90
0
SHARE

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ پارٽي جي گولڊن جوبلي ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پارٽي اڳواڻن سينيٽر شيري رحمان، فيصل ڪريم ڪنڊي، چوڌري منظور ۽ ٻين ملاقات ڪئي،ملاقار دوران پيپلز پارٽي جي 50هين سالگره ملهائڻ لاءِ گولڊن جوبلي تقريبن جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويا،ان موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ته هو پرامن، روشن خيال، ترقي پسند ۽ جمهوري پاڪستان لاءِ جدوجهد جي عزم تي قائم آهن،پ پ چيئرمين چيو ته گولڊن جوبلي تقريبن ۾ شهيد ڀٽي جي فلسفي جو عزم ورجايو ويندو، پارٽي قيادت ۽ جيالا هڪ ڀيرو وري عوام سان واعدو نڀائڻ جو وچن ورجائيندا،بلاول ڀٽو زرداري چيو ته کين اميد آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي ڪاميابي ملندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here