مورو: قومي شاهراهه تي ٽريڪٽر جو ڪار کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت،3 زخمي

387
0
SHARE

مورو: موري ويجهو قومي شاهراهه تي ٽريڪٽر جو ڪار کي ٽڪر لڳڻ سبب هڪ  ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا،گچيرو روڊ تي ڪراچي کان رحيم يارخان ويندڙ ڪار جو ٽريڪٽر سان ٽڪر ٿي پيو،حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار رحيميار خان واسي نديم جٽ فوت ٿي ويو، جڏهن ته عثمان بشير ۽ محمد عرفان جٽ زخمي ٿي پيا،اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي ۽ ٻن زخمين کي موري جي اسپتال پهچايو،زخمي عثمان بشير ميڊيا کي ٻڌايو ته هو ڪيناڊا ۾ رهندو آهي، نديم جٽ ۽ عرفان جٽ کيس ڪراچي ايئرپورٽ تي رسيو ڪرڻ لاءِ آيا هئا،سندن چوڻ هو ته هو ڪراچي کان رحيميار وڃي رهيا هئا ته موري ۾ حادثو پيش آيو،رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ٽريڪٽر کي تحويل ۾ وٺي فوتي ۽ زخمين جي وارثن کي اطلاع ڏنو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here