اسيمبليون مدو پورو ڪنديون، اسپيڪر حالتن حالتن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي: خواجا آصف

579
0
SHARE

پرڏيهي معاملن واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته اسيمبليون مدو پورو ڪنديون ڪو به اهڙو مسئلو ناهي جو پارليامينٽ وقت کان اڳ ختم ٿي وڃي ۽ چونڊون ملتوي ٿين. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته اپوزيشن پارٽين جو مخالفت ڪرڻ جمهوري حق آهي، سندن حڪومت 70 کان 80 سيڪڙو ايجنڊا پوري ڪري ورتي آهي. هن چيو ته قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر حالتن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي اسيمبلين جي مدي پوري نه ڪرڻ واري ڳالهه درست نه آهي. پرڏيهي وزير چيو  ته نيب جو پنهنجو ڪم آهي جتي وڃڻ چاهي وڃي سگهي ٿي. هن چيو ته نيب جو ڪم الزام ثابت ڪرڻ آهي ۽ بچاءُ ڪرڻ هنن جو حق آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج جي قربانين سان ملڪ ۾ امن قائم ٿيو آهي. خواجه آصف چيو ته بجلي ۽ گيس جي لوڊ شيڊنگ ختم ٿي رهي آهي،  هو مسئلن کي جلد حل ڪري وٺندا. هن چيو ته ڪرنسي ۾ لاهو چاڙهو ٿيندو رهندو آهي ان ۾ پريشاني جي ڪا ڳالهه نه آهي. سندس چوڻ هو ته هو قوم سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير چيو ته هو نواز شريف سان اڄ ملندا پر اهم ملاقات وارو تاثر بلڪل غلط آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت غير مستحڪم ٿيڻ واري ڳالهه ڪا صداقت نه آهي…..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here