راڌڻ ۾ ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ٽائون ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

248
0
SHARE

راڌڻ: راڌڻ ۾ ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ٽائون ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،نظير بروهي، ولي محمد، مختيار ڪليار، اومي پريم ۽ شبير شيخ جي اڳواڻي ۾ ملازمن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪري ٽائون چيئرمين خلاف نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي ملازمن چيو ته ٻن مهينن کان سندن پگهارون بنهد هجڻ ڪري هو بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن،سندن چوڻ هو ته ٽي ايم او ميهڙ، چئيرمين ميهڙ ۽ اڪائونٽنٽ ميهڙ کين پگهارون ڏيڻ لاءِ رشوت گهري رهيا آھن،هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين اختيارين کي اپيل ڪئي ته کين پگهارون ڏياري بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here