ڪراچي جي احتساب عدالت شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي 23 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

374
0
SHARE

ڪراچي: ڪراچي جي احتساب عدالت اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي 23 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، پ پ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته نيب جو ٻٽو معيار آهي، شريف ڪنٽب پرڏيهه ۾ ته پ پ اڳواڻن لاءِ جيل آهن،ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ،عدالت ۾ اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پيش پيو، جڏهن ته ٻڌڻي 23 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي،ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي  شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان وٽ ڪو نظريو ناهي، هو تنقيد کانسواءِ ڪجهه نٿو ڪري سگهي،هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته مهرباني آهي جو ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو آهي،هن چيو ته نيب  جي ڪارڪردگي سواليه نشان بڻجي وئي آهي،اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته ملڪ ۾ نيب جو ٻٽو معيار آهي، شريف ڪٽنب جڏهن چاهي پرڏيهه وڃي پر پ پ وارن لاءِ رڳو جيل آهن،شرجيل ميمڻ چيو ته هر پارٽي جو حق آهي پنهنجي مهم هلائڻ فيصلو ڏيڻ عوام جو ڪم آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here