اسپيڪر چوي ٿو ته اسيمبلي جو مدو پورو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي: اعتزاز احسن

107
0
SHARE

اسلام آباد: پ پ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته اسپيڪر چوي ٿو ته اسيمبلي جو مدو پورو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، ن ليگ قيادت روئڻ ويهي رهي آهي ته ڇو ڪڍيو ويو؟،اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته ن ليگ ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي ته سازش ڪير ڪري رهيو آهي؟،هن چيو ته ن ليگ حڪومت  ۾ به آهي ته اپوزيشن ۾ به  نظر اچڻ ٿي چاهي،اعتزاز احسن چيو ته ملتان واقعو ڪاري ڪوٽ جي وقار جي خلاف آهي،هن چيو ته  وڪيلن کي گهرجي ها معاملو چيف جسٽس ڏانهن کڻي وڃن ها، عدالتن ۾ سهولتون نه هجڻ تي ملتان واقعي کي جواز بڻايو ويو،پ پ سينيٽر چيو ته وڪيلن جي دعويٰ آهي ته سيشن جج غير ذميواري جو رويو اختيار ڪيو،اعتزاز احسن چيو ته هنن ڊڪٽيٽر خلاف پر امن تحريڪ هلائي، ڪنهن کي به نقصان نه پهچايو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here