ڊيرا الهيار ۾ سوئي سدرن گيس جي عملدارن ڪارروائي ڪري 25 ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا

73
0
SHARE

جعفرآباد: ڊيرا الهيار ۾ سوئي سدرن گيس جي عملدارن ڪارروائي ڪري 25 ڪنيڪشن ڪاٽي پائيپ تحويل ۾ ورتا،سئي سدرن گيس جي زونل مينيجر اشفاق احمد سھرياڻي ميڊيا  سان ڳالھائيندي چيو ته ميرالي ڪالوني ۾ ڪاروائي ڪري 25 ڪنيڪشن ڪاٽايا ويا آهن،هن جو چوڻ هو ته گيس سپلائي لاءِ وڇايل 200 ميٽر پائيپ تحويل ۾ وٺي گيس چورن خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن،سندس چوڻ هو ته گيس چوري ٿيڻ سبب گيس جو پريشر گهٽجي ويو آهي، صارفين مشڪلاتن کي منھن ڏين ٿا،گيس جي زونل مينيجر جو چوڻ هو ته صارفين کي ڪا به شڪايت هجي ته رابطو ڪن سندن مسئلا حل ڪيا ويندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here