لاڙڪاڻي ۾ فوتي ڪوٽا تي نوڪريون نه ڏيڻ خلاف ملازمن جي بک هڙتال

113
0
SHARE

 لاڙڪاڻي ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن فوتي ۽ سن ڪوٽا تي نوڪريون توڙي ٻيون سهولتون نه ڏيڻ خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي.نور محمد هلئي، عبدالجبار سيال، نعمت الله چانڊيو، محمد عالم چَن ۽ ٻيا چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي مين گيٽ سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.ملازمن ميڊيا سان ڳالهائيندي دانهيو ته گذريل 22 ڏينهن کان لڳاتار احتجاج ڪرڻ باوجود سندن مطالبا منظور نٿا ڪيا وڃن.هنن چيو ته سندن جي اولاد کي نوڪريون نه ملي سگهيون آهن ۽ نه ئي اڄ ڏينهن تائين کين ميڊيڪل فيسلٽي، پروموشن سميت ٻيون سهولتون ڏنيون ويون آهن جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. احتجاج ڪندڙ ملازمن سنڌ جي وڏي وزير، صحت کاتي جي صوبائي وزير سميت ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته سندن احتجاج جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي…….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here