بلوچستان ۾ فورسز جي ڪارروائي، ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو: آءِ ايس پي آر

15
0
SHARE

بلوچستان ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻايو ويو آهي، پاڪ فوج چيو آهي ته ڪارروائي ۾ 1300 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ آپريشن رد الفساد ڪاميابي سان جاري آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته  بلوچستان ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو آهي. آءِ ايس پي آر   موجب،  ايف سي بلوچستان جي علائقن ڪوهلو، غازي نله ۽ نصيرآباد ۾ ڪارروائي ڪئي. آءِ ايس پي آر   موجب،  ڪارروائي ۾ 1300 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر  موجب ڪارروائي دوران  ايس ايم جي، راڪيٽ، دستي بم، اهم علائقن جا نقشا ۽ مواصلاتي اوزار به هٿ ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر موجب  ڌماڪيدار مادو بلوچستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻو هو…..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here