سعودي عرب ۾ ملڪ جي معاملن تي نه خطي ۽ مسلم دنيا جي مسئلن تي ڳالهيون ٿينديون: راڻا ثناءُ الله

221
0
SHARE

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سعودي عرب ۾ ملڪ جي معاملن تي نه خطي ۽ مسلم دنيا جي مسئلن تي ڳالهيون ٿينديون،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اپوزيشن جي ڳالهه بلڪل غلط آهي ته سعودي عرب ۾ ڪو اين آر او ٿي رهيو آهي ۽ جي سعودي عرب ڪو اين آر او ڪرائي رهيو آهي ته ٻڌايو ته ٻي ڌر ڪٿي آهي؟،هن چيو ته اپوزيشن جنهن نموني ساڍا چار سال گذاريا آهن، ساڍا چار مهينا ٻيا به برداشت ڪري استعيفيٰ به ڏني ويندي،صوبائي وزير چيو ته هن ڀيري ڌرڻي جو امڪان ناهي، چونڊون مٿان آهن، ۽ جي هاڻ ڌرڻا هنيا ويا ته ڌرڻو هڻندڙن جو ئي نقصان ٿيندو،راڻا ثناءُ الله چيو ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي ذاتي لاڳاپن تي وڏن وڏن معاملن ۾ بريڪ ٿرو جو ڪم ڪندا آهن، جڏهن ته نوازنشريف سعودي ، ترڪ حڪومت ۽ ايران سان سٺا لاڳاپا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here