ٽرمپ جو طبي معائنو جمعي ڏهاڙي ٿيندو جنهن ۾ سندس دماغي تپاس نه ٿيندي: وائيٽ هائوس

292
0
SHARE

*وائيٽ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽرمپ جو طبي معائنو جمعي ڏهاڙي ٿيندو جنهن ۾ سندس دماغي تپاس نه ٿيندي. وائيٽ هائوس جي ترجمان آمريڪي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ خلاف ميڊيا ۾ سندس دماغي توازن درست نه هجڻ واري پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته آمريڪي صدر ذهين ۽ ترت فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ترجمان ٻڌايو ته صدر ٽرمپ جي طبي تپاس جمعي ڏهاڙي والٽر ريڊ نيشنل ملٽري ميڊيڪل سينيٽر ۾ ڪئي ويندي. ٻئي طرف وائيٽ هائوس جي نائب پريس سيڪريٽري هوڊن گڊلي جو چوڻ آجي ته ڪجهه ماڻهو ٽرمپ جي ذهني ڪيفيت بابت ناڪاري پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن جنهن ۾ ڪا صداقت نه آهي….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here