پنجاب جي تڪ پي پي 20 تي ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ پولنگ جو عمل جاري

343
0
SHARE

پنجاب جي تڪ پي پي 20 تي ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ پولنگ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته امن امان بحال رکڻ لاءِ فوج، رينجرز ۽ پوليس جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. چڪوال جي صوبائي تڪ تي ننڍي چونڊ جي سلسلي  ۾ صبح 8 وڳي کان پولنگ جو عمل شروع ٿيو جيڪو بنا ساهيءَ جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندو. پي پي 20 تي نوازليگ اميدوار چوڌري سلطان ۽ پي ٽي آءِ جي راجه طارق افضل ميدان ۾ لٿل آهن. 2 لک 79 هزار 530 ووٽرن لاءِ 227 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن جنهن مان 45 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. ووٽنگ واري عمل دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ فوج، رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي به مقرر ڪيو ويو آهي. پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ شڪايتي مرڪز پڻ قائم ڪيو ويو آهي……….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here