ڀارتي اداڪاره راني مکرجي دبنگ خان کي اهڙو مشورو ڏنو جنهن کي ٻڌي سڀ حيران ٿي ويا

501
0
SHARE

بالي ووڊ جي دبنگ سلمان خان کي سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ ڪنوارو ڪوٺيو وڃي ٿو، جنهن ڪري کيس ماڻهو طرح طرح جون صلاحون ۽ مشورا ڏيندا رهن ٿا،ڀارتي مشهور اداڪاره راني مکرجي دبنگ خان کي اهڙو مشورو ڏنو آهي، جنهن کي ٻڌي سڀ حيران ٿي ويا آهن،راني مکرجي هاڻوڪي ڏهاڙن ۾ پنهنجي فلم “هچڪي” جي مشهوري ماڻڻ لاءِ مصروف آهي، هاڻي ئي هن پنهنجي فلم جي پروموشن  لاءِ ڀارتي ٽي وي ۽ مشهور پروگرام بگ باس سيزن 11 ۾ شرڪت ڪئي،جتي هن پروگرام جي ميزبان سلمان خان سان ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون پڻ ڪيون،راني مکرجي پروگرام دوران دبنگ خان کي مشورو ڏيندي چيو ته سلمان خان ٻارڙن سان گھڻي محبت ڪندو آهي، جڏهن ته هو سندس ڌيءُ آديرا کي گھڻو پيار ڪندو آهي، تنهن ڪري سلمان خان کي گھرجي ته ڀلي هـُو شادي نه ڪري پر پيءُ ضرور بڻجي،واضح رهي ته شادي کان بنا پيءُ بڻجڻ جو رواج بالي ووڊ ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي،ان کان اڳ ڪرن جوهر ۽ تشار ڪپور به شادي کان بنا سروگريسي ذريعي پيئر بڻجي چڪا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here