ارڙهن آڪٽوبر واري جلسي ۾ عوامي سمنڊ ثابت ڪندو ته حيدرآباد پ پ جو قلعو آهي:اڳواڻ

231
0
SHARE

حيدرآباد: پ پ اڳواڻ مولابخش چانڊيو چيو آهي ته ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو،  18 آڪٽوبر واري جلسي ۾ عوامي سمنڊ ثابت ڪندو ته حيدرآباد پ پ جو قلعو آهي،حيدرآباد ۾ 18 آڪٽوبر تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي رٿيل جلسي جي سلسلي ۾ پ پ اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿيو،اجلاس ۾ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ مولابخش چانڊيو، عاجز ڌامراهه، ڄام خان شورو، ڊويزنل صدر علي نواز شاهه،  ايم اين اي امير علي شاهه ڄاموٽ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا،اجلاس کانپوءِ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 18 آڪٽوبر واري پ پ جي جلسي ۾ عوام سمند شامل ٿي ثابت ڪندو ته حيدرآباد پ پ جو قلعو آهي،مولابخش چانڊيو چيو ته حيدرآباد ۾ پ  پ جا جيڪي به جلسا ٿيا آهن اهي تاريخي ٿيا آهن، شهيد بي بي جي جلسي بابت چيو ويندو آهي ته ان ۾ 10 لک ماڻهو شامل ٿيا هئا.،سندس چوڻ هو ته 18 آڪٽوبر واري جلسي جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن، پ پ جو جلسو عوام لاءِ عيد جي ڏينهن وانگر هوندو آهي، هر هنڌ خوشي جي لهر هوندي آهي،پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه جو چوڻ هو ته جلسي جون تياريون جاري آهن، پ پ جو تاريخي جلسو هوندو،سندس چوڻ هو ته ٻيون پارٽيون گڏجي پ پ جي جلسن جو مقابلو  ڪنديون آهن، پر پ پ جو ڪنهن سان به مقابلو نه آهي،ان دوران ڄام خان شورو ڳالهائيندي چيو ته حيدرآباد جي ميئر کي ماهوار پگهارن کان علاوه 3 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا آهن پر ان باوجود ڪم نٿو ڪيو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here