زينب واري واقعي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آھي: عاجز ڌامراه

203
0
SHARE

شاهپورچاڪر: پ پ پ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو آھي قصور ۾ بيگناهه قتل ڪيل نياڻي زينب واري واقعي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آھي،شاهپور چاڪر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عاجز ڌامراهه چيو ته واقعي خلاف سينيٽ قومي اسيمبلي سميت هر فورم تي آواز اٿارڻ جي ضرورت آھي،عاجز ڌامراهه چيو ته ان قسم جي واقعن سان سماج ۾ انارڪي پيدا ٿي رهي آھي. جنهن زنده انساني ضميرن کي جهنجهوڙي ڇڏيو آھي،هن چيو ته مثبت اختلاف راءِ ادارا مضبوط ٿيندا آھن پر ڊھندا ناهن،ان موقعي تي پريس ڪلب جي نيئين چونڊيل صدر رائو شبير احمد چيف ميونسپل آفيسر حاجي محمد ابراهيم عمراڻي. سماجي اڳواڻ عابد چنه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو،سينيٽر عاجز ڌامراه سنڌ حڪومت پاران پريس ڪلب لاءِ پنج لک ۽ پنهنجي پاران هڪ لک روپيه ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here