سڪرنڊ جي ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۾ ايم آر ڊي شهيدن جي 34هين ورسي ملهائي وئي

9
0
SHARE

نوابشاهه:وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پ پ هميشه شهيدن کي ياد رکيو آهي، 18 آڪٽوبر جا شهيد جمهوريت جا شهيد آهن، پ پ جي تاريخ قربانين سان ڀريل آهي،سڪرنڊ جي ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۾ ايم آر ڊي جي شهيدن جي 34هين ورسي ملهائي وئي،تقريب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي،ورسي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پ پ هيمشه شهيدن کي ياد ڪندي آهي، ڇا ڪاڻ ته پ پ اڄ جيڪو ڪجهه آهي شهيدن جي قربانين جي ڪري آهي،وڏي وزير چيو پ پ کي 50 سال ٿيا آهن پر پ پ جي تاريخ قربانين سان ڀريل آهي، ٻين پارٽين جا ليڊر ڀٽو ۽ بينظير جا مثال نه ڏين، پ پ وانگر عوام جي خدمت ڪري ڏيکارين،اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو خطاب ڪندي چيو ت ايم آر ڊي جا شهيد جمهورريت جا شهيد آهن،سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خطاب ڪندي چيو ته شهيدن ۽ انهن جي وارثن کي هو سلام پيش ڪري ٿو، ايم آر ڊي جي شهيدن جي قربانين ڪري هو اڄ پ پ سان گڏ آهي،هن چيو ته نواز شريف جي نااهل ٿيڻ کانپوءِ هڪ ٻيو ڇٽل ڪارتوس عمران خان پ پ تي تنقيد لاءِ ميدان تي لٿو آهي،صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ امداد پتافي خطاب ڪندي چيو ته جنهن پارٽي ۾ هڪ ئي ڳوٺ جا 17 شهيد هجن ان پارٽي کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگهي، هنن وڌيڪ چيو ته پ پ جي سڀ کان وڏي ڪاميابي هي به آهي ته ضياءَ جو روحاني پٽ هاڻ ڀٽو کي شهيد چئي رهيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here