ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر رٽائرمينٽ جي درخواست ڏئي ڇڏي

59
0
SHARE

نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي صدر  ۽ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه  ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جي درخواست ڏئي ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته هـُن ذاتي سببن جي ڪري رٽائرڊ ٿيڻ گهري ٿو.

ليفٽننٽ جنرل رضوان اختر رٽائرمينٽ جي درخواست لاڳاپيل اختيارين ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.

نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي صدر  جي رٽائرمينٽ واري درخواست قبول ٿيڻ بعد هو سڀاڻي پنهنجي عهدو ڇڏي ڏيندو.

ٻڌايو پيو وڃي ته ليفٽننٽ جنرل رضوان اختر نوڪري جو مدو پورو ٿيڻ کان هڪ سال  اڳ رٽائرمينٽ وٺي رهيو آهي.

ٻئي طرف ليفٽننٽ جنرل رضوان اختر چيو آهي ته دنيا جي عظيم فوج ۾ ڪم ڪرڻ تي کيس فخر آهي.

هن چيو ته ذاتي سببن ڪري رٽائرمينٽ جي درخواست ڏني آهي خواهش آهي ته منهنجي فيصلي جو احترام ٿيڻ گھرجي.

سندس چوڻ هو ته هـُو سينيئر ڪمانڊرز ۽ اسٽاف جو ٿورائتو آهي جن ساڻس ڀرپور سهڪار ڪيو.

ليفٽننٽ جنرل رضوان اختر چيوته پاڪ فوج کي جنهن وقت به ضرورت پئي ته هـُو حاضر ٿيڻ لاءِ تيار هوند.

ياد رهي ته ليفٽننٽ جنرل رضوان اختر نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي صدر طور فرض نڀائي رهيو آهي ان کان ليفٽننٽ جنرل رضوان اختر ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي رينجرز سنڌ سميت اهم عهدن تي فرض نڀايا……

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here