سيوهڻ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران احتجاج

277
0
SHARE

سيوھڻ  ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن واٽر سپلاءِ  ۾ منڇر جو زهريلو پاڻي فراهم ٿيڻ خلاف احتجاج  ڪيو .علي اصغر سولنگي، نظام الدين ڳنڀير ۽آزاد منصور جي اڳواڻي ۾ ڌمال چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو  ويو.ان موقعي  تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سيوهڻ جي واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ منڇر جو زهريلو پاڻي  ڇوڙ ڪيو ويو آھي، جنهن سبب شهر جا ڪيترائي ٻار مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. هنن چيو ته سيوهڻ جو فلٽر پلانٽ ٻن سالن کان بند پيل آھي، جنهن جي مرمت جي مد ۾ ڪامورا ماهور لکين رپيا بجيٽ ڪاغذن ۾ ڄاڻائي سموري رقم هڙپ ڪري رهيا آهن،جيڪا افسوس جي ڳالھه آھي. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته فوري طور واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ منڇر جي پاڻي جو ڇوڙ بند ڪيو وڃي ۽ خراب فلٽر پلانٽ جي مرمت ڪرائي عوام کي مٺي پاڻي جي سهولت فراهم ڪئي وڃي………….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here