رائو انوار جي دبئي ڀڄڻ جي ڪوشش ناڪام، هٽايل ايس ايس پي خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو

218
0
SHARE

اسلام آباد: نقيب الله محسود جي قتل بعد رائو انوار جي دبئي ڀڄڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي آهي، ملير جي هٽايل ايس ايس پي خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته هن پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي،رائو انوار اسلام آباد جي بينظير ڀٽو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان دبئي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايف آءِ اي کيس روڪي ورتو،ذريعن موجب رائو انوار  پنهنجا سفري دستاويز  هڪ ساٿي ذريعي اسلام آباد هوائي اڏي تي موڪليا جنهن ۾ 20 جنوري تي جاري ڪيل سنڌ سرڪار جي اين او سي به شامل هئي، ايف آءِ اي جي ذريعن موجب اسلام آباد ايئرپورٽ رائو انوار جي دستاويزن کي شڪ جي بنياد تي رد ڪيو پر کيس گرفتار نه ڪيو ويو آهي،ٻئي طرف رائو انوار هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته هو بلڪل ٺيڪ ۽ خيريت سان آهي، سندس بابت ميڊيا تي نشر ٿيل خبر  ۾ ڪا به صداقت ناهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here