مسلم ليگ ن وارا رڳو ڪوڙ ڳالهائيندا آهن:ناصر حسين شاهه

24
0
SHARE

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته مسلم ليگ ن وارا رڳو ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، عمران خان به يوٽرن جو بادشاهه آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناصر حسين شاهه چيو ته وزيراعظم نوشهري فيروز ۾ رڳو ڪوڙ ڳالهايو، شاهد خاقان عباسي نااهل نواز شريف جي رستي تي هلي رهيو آهي.هن چيو ته مسلم ليگ ن وارن 2013ع جي چونڊن دوران به ڪوڙا واعدا ڪيا، وفاق سنڌ جا اربين رپيا ناهن ڏنا، 18هين ترميم کانپوءِ به ڪيترائي ادارا صوبن حوالي  ناهن ڪيا ويا.ناصر حسين شاهه چيو ته عمران خان يوٽرن جو بادشاهه آهي، ماڻهن سندس نالو يوٽرن رکيو آهي، ڪپتان جي ميرٽ جهانگير ترين مان واضح آهي.سڌ سماءَ واري صوبائي وزير چيو ته پي آءِ اي مان ملازمن کي ڪڍڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن پر هو ڪنهن کي به اهڙي اجازت نه ڏيندا………

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here