چيف جسٽس جيڪڏهن عمران خان جي زبان استعمال ڪندو ته جواب به ملندو، توهين عدالت اهي ڪن پيا، جيڪي انصاف ۽ عهدي جي توهين ڪري رهيا آهن. مريم نواز

239
0
SHARE

مانسھرا:اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز چيو آهي ته چيف جسٽس جيڪڏهن عمران خان جي زبان استعمال ڪندو ته جواب به ملندو، توهين عدالت اهي ڪن پيا، جيڪي انصاف ۽ عهدي جي توهين ڪري رهيا آهن.مانسهرا ۾ مسلم ليگ ن جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ اقاما فيصلو نا منظور، نااهلي فيصلو نا منظور ۽ ووٽ جي عزت ڪريو جا نعرا هنيا ويا.جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز ججن توڙي عمران خان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جا جج ڌر بڻجي نواز شريف جي مخالفن جي زبان استعمال ڪندا يا چيف جسٽس جيڪڏهن عمران خان جي زبان استعمال ڪندو ته جواب به ملندو.هن چيو ته فيصلا درست هجن ها ته تنقيد جو خوف نه هجي ها، روز وضاحتون ڏيڻيون نه پون ها ۽ نه ئي قسم کڻڻ جي ضرورت پيش اچي ها.مريم نواز چيو ته ججن کان روز هڪ نئين گار ٻڌڻ لاءِ ملندي آهي، ڇا پاڪستان جي آئين ۾ گاريون ڏيڻ ۽ انتقام جي شق به شامل آهي؟ گاڊ فادر، سسلين مافيا ۽ ڌاڙيل چئي ڪهڙي آئين جي سمجهاڻي ڪئي پئي وڃي؟هن چيو ته توهين عدالت اهو ڪري رهيو آهي، جنهن انصاف ۽ عهدي جي توهين ڪئي آهي، عمران خان کي سچائي جو سرٽيفڪيٽ نواز شريف جي مخالفت ڪرڻ ۽ بغض تي ڏنو ويو.مريم  نواز چيو ته عدالت جي توهين جو نوٽيس وٺندڙ گهڻا آهن، عوام کي پنهنجي توهين جو نوٽيس پاڻ وٺڻو پوندو، جيڪڏهن توهين عدالت ۾ پڪڙڻو آهي ته ان کي پڪڙيو جنهن شرمناڪ جو لفظ استعمال ڪيو ۽ ڪنٽينر تي چڙهي عدالت تي ڌانڌلي جا الزام هنيا، توهين عدالت لڳائڻي آهي ته ان مولوي تي به لڳايو، جنهن عدالت کي گاريون ڏنيون.هن چيو ته عمران خان وٽ هاڻي روئڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه آهي، نواز شريف خلاف انتقام جي ڪهڙي باهه آهي، جيڪا ٿڌي ئي نه ٿي ٿئي، انهن ماڻهن پهريان عهدو کسيو، ان جي ڌيءَ جي پٺيان پئجي ويا، ڪٽنب کي نه ڇڏيو، هاڻي پارٽي صدارت پويان پئجي ويا آهن.مريم نواز چيو ته انهن عقلمندن کي اها خبر نه آهي ته نواز شريف مسلم ليگ ن جو صدر هجي يا نه ان سان فرق نه ٿو پوي، ميان صاحب کي جيترو دٻايو ويندو، اوترو ئي مضبوط بڻجي سامهون ايندو، هاڻي کيس نااهل ڪندڙ سوچي رهيا آهن ته هنن نواز شريف کي ڇو ڪڍيو؟هن چيو ته نواز شريف کي عوام کان پري رکڻ واري سازش سبب محبت کي عشق ۾ بدلائي ڇڏيو، اهو عشق ئي آهي، جو هر عوامي عدالت مان نواز شريف جي حق ۾ فيصلو اچي رهيو آهي، لوڌران جي عوامي عدالت به اهڙو انصاف ڪيو، جو نااهل کي اهل ۽ اهل کي نااهل ڪري ڇڏيو.هن چيو ته جهڙي ريت پاناما بئنچ ڪيس هلڻ کان اڳ نواز شريف کي سزا ڏني، اهڙي طرح عوامي عدالت چونڊن کان اڳ نواز شريف جي مخالفن کي سزا ٻڌائي.مريم نواز چيو ته نواز شريف جو ڪيس عوام پنهنجي هٿن ۾ کڻي ورتو آهي، ميان صاحب جو فيصلو هاڻي عدالتون نه ڪنديون پر عوام ڪندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here