سنڌ سرڪار رائو انوار جي ڪا به پٺڀرائي نه پئي ڪري: سيد مراد علي شاهه

123
0
SHARE

دوداپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ سرڪار رائو انوار جي ڪا به پٺڀرائي نه پئي ڪري، اڳوڻي ايس ايس پي تي نقيب الله قتل جو الزام آهي،  ايم ڪيو ايم جي ڌڙا بندي ۾ پ پ جو ڪو به هٿ ناهي، دوداپور  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته  ايم ڪيو ايم پنهنجو گهر ٺاهي  عوام جي ميڊيٽ جو خيال ڪري، سيد مراد علي شاهه چيو ته   ايم ڪيو ايم جي ڌڙابندي ۾ پ پ جو ڪو به واسطو ناهي،  وڏي وزير چيو ته   2108۾ پ پ ملڪ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي. هن چيو ته  نقيب الله قتل ڪيس ۾ رائوانوار بي ڏوهي آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي صفائي پيش ڪري، مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ روڊ رستن جو ڄار وڇايو پيو وڃي اجڙي ويل رستا به جلد بحال ڪيا ويندا، ان موقعي تي ايم اين اي اعجاز جکراڻي، صوبائي وزير ممتاز جکراڻي  ٻيا  وڏي وزير سان گڏ هئا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here