منهنجي خلاف فيصلا ِ اڻٿيڻا نه هئا، هاڻ نالو مٽائڻ لاءِ به ڪا شق ڳولهي وڃي: نواز شريف

120
0
SHARE

اسلام آباد: اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته سندس خلاف فيصلا منهنجي لاءِ اڻٿيڻا نه هئا، هاڻ نالو مٽائڻ لاءِ به ڪا شق ڳولهي وڃي، احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته  هي فيصلا انتقام ۽ بغض تي ٻڌل آهن، هن چيو ته  پهرين وزيراعظم جو عهدو هاڻي پارٽي صدارت کسي وئي آهي،  کين چوان ٿو ته سندس نالو محمد نواز شريف آهي ، ڪا شق ڏسي اهو به مٽايو وڃي،  اڳوڻي وزير اعظم چيو ته  28جولاءِ جي فيصلي وزيراعظم جو عهدو کسيو هو،گذريل ڏينهن واري فيصلي ۾ پارٽي جي صدارت به کسي وئي آهي، نواز شريف چيو ته عهدو کسڻ جو ڪارڻ ٻڌايو ويو ته پٽ کان پگهار نه ورتي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here