رياستي ادارن جي اوٽ وٺي ڪجهه ڌريون فائدو حاصل ڪرڻ چاهن ٿيون: خواجا سعد رفيق

256
0
SHARE

اسلام آباد: ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق چيوآهي ته سياست کي جيترو دٻايو ويندو، اوترو ئي اڀرندي، سياستدانن کي باغي ۽ غدار ڄاڻايو پيو وڃي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته اهو پهرين ڀيرو ناهي ٿيو، رياستي ادارن جي اوٽ وٺي ڪجهه ڌريون فائدو حاصل ڪرڻ چاهن ٿيون، هن چيو ته عوام نٿو چاهي عدالتي فيصلن تي اڳواڻ کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي، خواجه سعد رفيق چيو ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا، نواز شريف جڏهن به اقتدار ۾ آيو آهي، ملڪ ترقي ڪئي آهي،عمران سدائين ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here