حسن ۽ حسين نواز اشتهاري قرار ، شريف ڪٽنب تي فرد جرم 13 آڪٽوبر تي لاڳو ٿيندو

429
0
SHARE

اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ريفرنسز ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سميت شريف ڪٽنب تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 13 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪندي حسن ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو ،احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس پٽن حسن، حسين نواز،ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف ڪرپشن جي ٽن ريفرنسن جي ٻڌڻي ٿي،نيب حسن ۽ حسين نواز جي گرفتاري وارنٽن بابت رپورٽ پيش ڪندي، حسن ۽ حسين نواز جو ڪيس ڌار ڪرڻ جي استدعا ڪئي،عدالت نيب جي درخواست قبول ڪندي حسين ۽ حسين جا دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کين اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو،احتساب عدالت جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 13 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪندي،حسن ۽ حسين جو ڪيس ڌار ڪري ڇڏيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here