جنهن کي ذميواري ڏيون پيا، ان کي هٽايو ويندو آهي: رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم

156
0
SHARE

ڪراچي: پاڻي ڪميشن جي سربراهه رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم چيو آهي ته جنهن کي ذميواري ڏيون پيا، ان کي هٽايو ويندو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڻي ڪميشن جي  ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ صحت وارو سيڪريٽري فضل الله پيچوهو  پيش ٿيو، ڊي جي هيلٿ ڪميشن کي ٻڌايو ته  اڪثر بدليون ڊي ايڇ او جي سفارش تي ٿينديون آهن، پاڻي ڪميشن چيو ته  جنهن کي ذميواري ڏيون ٿا، ان کي هٽايو ويندو آهي، رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم چيو ته ٻڌايو ته ڪميشن سان ڪهڙي راند کيڏي پئي وڃي؟،امير هاني مسلم  پڇاڻو ڪيو ته  آفيسرن جي بدلين جو پرپوزل ڪير ڏيندو آهي؟، صحت واري سيڪريٽري چيو ته  عوامي مفادن خاطر بدليون ڪيون وينديون آهن، امير هاني مسلم چيو ته  ڪميشن کي سمجهه اچي پيو ته بدليون ڇو پيون ڪيون وڃن، چوڻ نٿو چاهيان، پر صحت کاتي کي تباهه ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here