جيڪو به پارٽي فيصلو ڪندي اهو قطعي هوندو، نواز شريف جي آڇ جو آصف علي زرداري جواب ڏئي ڇڏيو آهي. سيد خورشيد شاھ

257
0
SHARE

سکر:قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته جيڪو به پارٽي فيصلو ڪندي اهو قطعي هوندو، نواز شريف جي آڇ جو آصف علي زرداري جواب ڏئي ڇڏيو آهي.سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف جي آڇ آصف علي زرداري صاحب وٽ پهچي چڪي آهي، جنهن جو آصف زرداري جواب ڏئي ڇڏيو آهي.هن چيو ته آصف علي زرداري رضا رباني کي سينيٽ چيئرمين لاءِ رد ناهي ڪيو، رضا رباني سٺو انسان ۽ سينيئر اڳواڻ آهي، وڌيڪ فيصلو پارٽي ڪندي.سندس چوڻ هو ته سينيٽ چيئرمين جي نالي لاءِ مشورا هلن پيا جيڪو پارٽي فيصلو ڪندي اهو قطعي هوندو.خورشيد شاهه چيو ته پ پ وٽ اڪثريت نه آهي، اپوزيشن کي گڏ ڪرڻ سان اڪثريت  ٺهندي آهي.هن چيو ته عمران خان چئي پيو ته سينيٽ جو چيئرمين بلوچستان مان هئڻ گهرجي، پهريان به پ پ ئي بلوچستان مان سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين چونڊرايو هو.خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته سياستدانن جو ڪم پلاٽن تي قبضو ڪرڻ ناهي، سياستدانن کي گهرجي ته ملڪ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here