معاملا اسلام آباد پوليس وٽ آيا ته بهتر انتظام ٿيا آهن:طلال چوڌري

14
0
SHARE

اسلام آباد:گهرو معاملن واري مملڪتي وزير  طلال چوڌري چيو آهي ته معاملا  اسلام آباد پوليس وٽ آيا ته بهتر انتظام ٿيا آهن،اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته هدايت ڪئي آهي ته ٻين عدالتن ۾ پيشي تي ايندڙ ماڻهن کي ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي،هن چيو ته سندن ڪوشش آهي ته ماڻهو ڪورٽ روم ۾ داخل نه ٿين ۽ ٻاهر رهن،سندس چوڻ هو ته عدالت سان گڏجي ايس او پي تيار ڪئي آهي، ڪوشش آهي ته ميڊيا کي وڌيڪ سهولتون ڏنيون وڃن ۽ عدالت اندر وڌ کان وڌ وڪيل  ۽ صحافي هجن،ن ليگ اڳواڻ چيو ته صحافين سان جيڪو معاملو ٿيو نواز شريف سميت سڀنن ان جي مذمت ڪئي،طلال چوڌري چيو ته رينجرز کي وضاحت ڏيڻ لاءِ 72 ڪلاڪن جو وقت ڏنو هو،مملڪتي وزير چيو ته پهرين تاريخ تي سواءِ هڪ واقعي جي ٻيو ڪجهه به نه ٿيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here