نواز ليگ راجا ظفر الحق کي سينيٽ چيئرمين ۽ عثمان ڪاڪڙ کي ڊپٽي چيئرمين نامزد ڪري ڇڏيو

140
0
SHARE

اسلام آباد:  نواز ليگ راجا ظفر الحق کي سينيٽ چيئرمين ۽ عثمان ڪاڪڙ کي ڊپٽي چيئرمين نامزد ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ اڳوڻي وزير اعظم ميان محمد نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو،جنهن م راجا ظفر الحق، مشاهد الله خان، پرويز رشيد،  عثمان ڪاڪڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس مشاورت کان پوءِ راجا ظفر الحق کي سينيٽ چيئرمين ۽ عثمان ڪاڪڙ کي ڊپٽي چيئرمين جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو ويو، سينيٽر مشاهد الله خان چيو ته ن ليگ راجا ظفر الحق کي چيئرمين لاءِ نامزد ڪيو آهي،سينيٽ چيئرمين ن ليگ جو ۽ ڊپٽي چيئرمين اتحادين جو هوندو، هن چيو ته ن ليگ ۽ اتحادين ڊپٽي چيئرمين لاءِ عثمان ڪاڪڙ کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي، مشاهد الله خان چيو ته عمران خان امپائر جي آڱر جي سياست پيو ڪري،متحده اڃا تائين ڪنهن جي حمايت جو اعلان ناهي ڪيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here