حيدرآباد جي سي آءِ اي پوليس محرابپور ۾ ڪارروائي ڪري هڪ بم هٿ ڪري ورتو

186
0
SHARE

حيدرآباد: حيدرآباد جي سي آءِ اي پوليس گرفتار دهشتگرد جي نشاندهي تي محرابپور ۾ ڪارروائي ڪري هڪ بم هٿ ڪري ورتو آهي، سي آءِ اي پوليس گرفتار دهشتگرد مظفر نانگراج جي نشاندھي تي گهر تي ڇاپو هڻي بم هٿ ڪي, وبم ڊسپوزل اسڪواڊ هٿ آيل بم کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو، بم ڊسپوزل اسڪواڊ عملي مطابق بم پلاسٽڪ جي بوتل ۾ تيار ڪيو ويو جنهن ۾ گوليون، نٽ، بُلٽ ۽ ٻيو بارودي مواد ڀريل ھو، سي آءِ اي انچارج جو چوڻ هو ته محرابپور ٿاڻي تي بم هٿ اچڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here