سپريم ڪورٽ ۾ اشتهارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي، سياسي اڳواڻ اشتهارن تي تصويرون لڳائڻ بند ڪن:سپريم ڪورٽ

73
0
SHARE

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ اشتهارن واري ڪيس ۾ پڇاڻو ڪيو آهي ته اشتهارن ۾ سياسي ماڻهن جون تصويرون لڳايون ويون آهن، ذاتي مشهوري لاءِ پئسا ڪير ڀريندو؟، سپريم ڪورٽ ۾ اشتهارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي  ٿي جنهن دوران پنجاب حڪومت ٽن مهينن جي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، ڪي جي اطلاعات واري سيڪريٽري عدالت چي ٻڌايو ته   گذريل 3 مهينن ۾ 24 ڪروڙ رپيا اشتهارن تي خرچ ڪيا ويا، اطلاعات سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته   اهي اشتهار پهرين ڊسمبر 2017 کان 28 فيبروري 2018 تائين ڏنا ويا،  سيڪريٽري  جو چوڻ هو ته  هو  3مهينن جي اشتهارن ۾ پرويز خٽڪ ۽ عمران خان جي تصوير ڳولهي نه سگهيو آهي، چيف جسٽس چيو ته  حڪومتي اشتهارن تي 24 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا، اطلاعات سيڪريٽري جو چوڻ هو ته  اشتهار عوامي آگاهي ۽ فيڊ بيڪ لاءِ ڏنا ويا، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته ڇا  اشتهارن ۾ سياسي ماڻهن جون تصويرون شامل آهن؟ جنهن تي  اي جي پنجاب چيو ته    جي ها اشتهارن ۾ سياسي اڳواڻن جون تصويرون شامل آهن،  چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته  ذاتي مشهوري لاءِ پئسا ڪير ادا ڪندو؟،  ڇا توهان 55 لک وارو پهريون چيڪ ڏنو آهي؟، چيف جسٽس چيو ته  عدالت هن معاملي کي سڄو ڏينهن ٻڌندي، چيف جسٽس جو چوڻ هو ته هو  چاهي ٿو ته سياسي اڳواڻ اشتهارن تي تصويرون لڳائڻ بند ڪن،  جن سياسي اڳواڻن جون تصويرون لڳيون آهن انهن کان پئسا ورتا وڃن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here