الزام لڳائڻ نواز شريف جي عادت آهي: مخالف ڌر جو اڳواڻ سيد خورشيد شاهه

139
0
SHARE

مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته الزام لڳائڻ نواز شريف جي عادت آهي، اسان جهڪيا ناهيون پر ميان صاحب ميمو اسڪينڊل ياد ڪري.مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه نواز شريف جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته نواز شريف کي سينيٽ چونڊن کانپوءِ ڇانگا مانگا ياد اچي رهيو آهي پر هاڻ اُتي وڏيون وڏيون عمارتون بڻجي ويون آهن.خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته هو ڪنهن جي درٻار تي ناهيون جهڪيا، هنن جي درٻار رڳو جمهوريت آهي، ميان صاحب ماضي ۾ وڃي ته کيس گهڻيون ئي ڳالهيون ياد اچي ويندس.هن چيو ته الزام لڳائڻ نواز شريف جي عادت آهي، لڳي ٿو ته نواز شريف عمران خان واري روش اختيار ڪري ورتي آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ساڻن گڏ ڪم ڪري چڪو آهي، پ پ اپوزيشن لاءِ شيري رحمان کي اميدوار نامزد ڪيو آهي…

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here