اڄ به سنڌ جي لکين ڪيوسڪ پاڻي تي ڌاڙو لڳي رهيو آهي: پ پ ايم اين اي شازيه عطا مري

261
0
SHARE

قومي اسيمبلي ۾ پاڻي معاملي تي بحث ٿيو، پ پ ايم اين اي شازيا عطا مري چيو آهي ته 91 ع واري ٺاهه تي مڪمل عمل نه پيو ٿئي.قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو ته پاڻي معاملي تي بحث ٿيو.پ پ ايم اين اي شازيه مري چيو ته اڄ به سنڌ جي لکين ڪيوسڪ پاڻي تي ڌاڙو لڳي رهيو آهي.هن چيو ته  نه ٿا چاهيون ته صوبن ۾ تڪرار پيدا ٿئي.شازيا مري جو چوڻ هو ته 91 ع واري ٺاهه تي مڪمل عمل نه پيو ٿئي. پاڻي واري وزير جاويد شاهه ڳالهائيندي چيو ته پاڻي بابت پاليسي جو 23 مارچ تي اعلان ٿيندو 70 سال جي تاريخ ۾ پهرين ڀيرو پاليسي جوڙي پئي وڃي.هن چيو ته  پاليسي ۾ پاڻي جي کوٽ سوڌو اهم معاملن جو احاطو ڪيو آهي. جاويد علي شاهه چيو ته  عالمي بئنڪ سان ڀارتي ڊيمن تي ڳالهه ٿي آهي، اميد آهي ڊيمن جي ڊزائين تي ڀارت سان جلد ڳالهيون ٿينديون……….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here