بني گالا ۽ ڪراچي وارا هڪ ئي درٻار تي وڃي جهڪيا، ڪهڙو سبب هو عوام آڏو اچڻ گهرجي: نواز شريف

142
0
SHARE

مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان نواز شريف سينيٽ چونڊن بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته بني گالا ۽ ڪراچي وارا هڪ ئي درٻار تي وڃي جهڪيا، ڪهڙو سبب هو عوام آڏو اچڻ گهرجي.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ انويسٽمينت ضمني ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران شاهد نورين شهزادي جو بيان رڪارڊ ڪرايو ۽ نواز شريف جي اڪائونٽ جا تفصيل جمع ڪرايا.

هن ٻڌايو ته نواز شريف جو اڪائونٽ آگسٽ 2009 ۾ کوليو ويو، اڪائونٽ کولڻ واري فارم ۾ نواز شرف کي چوڌري شوگر مل جو سي اي او لکيو ويو هو ۽ اڪائونٽ کولرائڻ جو مقصد ڪاروبار مان ٿيندڙ بچت رکڻ هو.

شاهد جي بيان کانپوءِ نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث چيو ته اوپننگ اڪائونٽ ۽ ڪي واءِ سي اڪائونٽن فرق آهي، اوپننگ فارم ۾ اڪائونٽ ٽائپ خاني ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ واري خال تي ٽڪ ڪيو ويو آهي.

شاهد نورين شهزادي خواجا حارث جي اعتراض تي چيو ته صارفين جي اصرار تي ڪي واءِ سي فارم ۾ سيونگ لکيو ويو آهي.

ٻڌڻي ۾ ٻين ٻن شاهدن اسٽنٽ ڊائريڪٽر نيب وقار احمد ۽ خانگي بينڪ ملازم شيرخان جو بيان به قلمبند ڪيا ويا.

ياد رهي ته ٻڌڻي ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر احتساب عدالت ۾ روبرو پيش ٿيو، ان کان اڳ به نواز شريف 20 ڀيرا عدالت ۾ پيش ٿي چڪو آهي……

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here