سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

239
0
SHARE

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ڏينهن جي شروعات توپن جي سلامي سان ڪئي، اسلام آباد ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن گڏيل پريڊ جو شاندار مظاهرو ڪري ڏيکاريو، پاڪستان ڏهاڙي جي مک تقريب اسلام آباد جي شڪر پڙيان گرائونڊ ۾ ٿي جنهن ۾  علمبردار دستي ۾ ٽنهي فوجن جي اهلڪارن حصو ورتو، تقريب ۾ صدر ممنون حسين، وزير اعظم شاهد خاقان عباسي، بچاءُ وارو وزير خرم دستگير، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه،   نيول چيف ۽ هوائي فوج جي سربراهن به شرڪت ڪئي ،سري لنڪا جو صدر مٿري پالاسري سينا  به ٽنهي هٿياربند فوجن جي گڏيل پريڊ جو شاندار مظاهرو ڏٺو، بوائز اسڪائوٽ ۽ گرلس گائيڊ به پريڊ دستي ۾ شاندار مظاهرو ڪيو، پوليس سروس جي نمائندگي اسلام آباد پوليس ڪئي، هوڏانهن سڄي ملڪ ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ شاندار تقريبن جو سلسلو جاري آهي، ان کان اڳ  رات 12 ٿيندي ئي ڪراچي ۾ قائد اعظم جي مزار ۽ لاهور ۾ مينار پاڪستان وٽ شاندار آتشبازي ڪئي وئي، آتشبازي سبب آسمان رنارنگي روشنين سان جرڪي پيو، پاڪستان جي ڏهاڙي جي  موقعي تي ڏينهن جي شروعات وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن تي 21-21 توپن جي سلامي سان ڪئي وئي، ٻئي طرف پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي وطن سان محبت جي اظهار طور ننڍن وڏن شهرن ۾ قومي جهنڊو  ڦڙڪائڻ واريون تقريبون پڻ رٿيل آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here