دعا ڪيو ملڪ ۾ چونڊون مقرر وقت تي ٿين: خواجه سعد رفيق

183
0
SHARE

اسلام آباد: وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته دعا ڪيو ملڪ ۾ چونڊون مقرر وقت تي ٿين، ووٽ رڳو ڪاغذ تي پرچي ناهن، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته  ڪوڙا الزام لڳائڻ سان ووٽ نٿا ملي سگهن،هو ڳالهائي نٿا سگهن،  جيڪڏهن ڳالهايو ته گستاخ سڏيو ويندو،  وفاقي وزير چيو ته  ڪا به شيءَ هڪ ڏينهن ۾ ٺيڪ نٿي ٿي سگهي، عمران خان ٻاراڻيون حرڪتون پيو ڪري، سعد رفيق چيو ته  عمران خان ميئر نٿو بڻجي سگهي، هو وزيراعظم ڪيئن بڻجندو؟، هن چيو ته  اڄ پشاور ۽ لاهور ۾ ڏينهن رات جو فرق ڏسي سگهجي ٿو، ملڪ هلائڻ سنجيده ماڻهن جو ڪم آهي، عمران جي وس جي ڳالهه ناهي، وفاقي وزير چيو ته  ن ليگ عوام جي ووٽ کي اهميت ڏني آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here